وڏي خوشخبري: گهرن جي تعمير لاءِ نئين قسط جاري، پنهنجي رقم چيڪ ڪريو!
سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن (SPHF) پاران ٻوڏ متاثرين لاءِ گهرن جي تعمير واري رقم جي نئين قسط جاري ڪئي وئي آهي. حڪومتِ سنڌ جي هن پروگرام تحت لکين ماڻهو پنهنجا پڪا گهر تعمير ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن توهان پڻ هن پروگرام ۾ رجسٽرڊ آهيو، ته هي معلومات توهان لاءِ تمام اهم آهي.
قسط ملڻ جو طريقو ۽ شرط:
SPHF پاران رقم مختلف مرحلن ۾ ڏني ويندي آهي. نئين قسط انهن ماڻهن کي ملي رهي آهي جن:
- پنهنجي گهر جي تعمير جو پهريون يا ٻيو مرحلو (پلنتھ يا ڇت تائين جو ڪم) مڪمل ڪري ورتو آهي.
- SPHF جي ٽيم پاران توهان جي گهر جي تعمير جو معائنو (Inspection) ٿي چڪو آهي.
- معائني کانپوءِ توهان جي فوٽو ۽ تفصيل ائپ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن.
رقم ڪيئن چيڪ ڪجي؟
- موبائل ائپ: SPHF جي آفيسل ائپ ذريعي پنهنجي اڪائونٽ جي صورتحال چيڪ ڪريو.
- بئنڪ ميسيج: توهان جي رجسٽرڊ موبائل نمبر تي بئنڪ پاران رقم جي ادائيگي جو ميسيج موڪليو ويندو.
- قريبي سينٽر: توهان پنهنجي علائقي جي SPHF فيلڊ آفيسر يا مخصوص سينٽر تان به معلومات وٺي سگهو ٿا.
جيڪڏهن رقم نه ملي ته ڇا ڪجي؟
جيڪڏهن توهان جو ڪم مڪمل آهي پر رقم ناهي آئي، ته:
- پنهنجي گهر جي تعمير جي موجوده فوٽو چيڪ ڪريو ته اها SPHF ائپ تي اپلوڊ ٿيل آهي يا نه.
- پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ ۽ موبائل نمبر درست چيڪ ڪريو.
- وڌيڪ دير جي صورت ۾ SPHF جي هيڊ آفيس يا شڪايتي نمبر تي رابطو ڪريو.
وڌيڪ تازه ترين اپڊيٽس ۽ اسڪيمن جي معلومات لاءِ اسان جي ويب سائيٽ وزٽ ڪندا رهو!
- ڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاء ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو
-
- https://www.sphf.gos.pk/beneficiary-status-urdu/
- ويب سائيٽ: www.sindhschemes.com
- واٽس ايپ: 03453735303
- فيسبوڪ: Hyder Baloch

No comments:
Post a Comment